
Khalil Kumbhar

انيلا
اميد ته خوش هوندئين
تنهنجو جوابي خط مليو آئون تنهنجي پريشاني کي سمجهان ٿو. جنگ جي زماني ۾ هڪڙي ماءُ جو وقت ڪيئن گذري ٿو؟ مون کي ان جو اندازو آهي. کوڙ ساريون تڪليفون ، ڏک ، وڇوڙا ۽ پريشانيون انسان کي اوچتو پئدا ٿيندڙ حالتن هٿان ملن ٿا، جنهن لاء ماڻهو ذهني طور تي تيار به ناهي هوندو ،۽ انهن کان فرار به سندس وس ۾ ناهي هوندو.
تاريخ بي رحم آهي جيڪا وقت جي فاتحن جا غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي آهي ۽ پنهنجي وطن لاء ڏنل باضمير ماڻهن جون قربانيون همشه لاء امر ڪري ڇڏيندي آهي. اهو به تاريخ جو ئي اختيار آهي ته اها ڪنهن ماءُ جي اک مان وهيل لڙڪ کي ٿي امر ڪري يا ميدان جنگ ۾ وهيل رت ڦڙي کي.
تنهنجو خيال آهي ته آئون توکي فردوسي ۽ ايران بابت وڌيڪ ٻڌايان تاريخ جي ورقن ۾ فارس هن ڌرتي تي صدين کان اوچي ڳاٽ موجود رهيو آهي .تو اها وڊيو ڏٺي آهي جنهن ۾ علي لاريجاني جي ماءُ پهرين تابوت کي چمي ٿي ڏي ۽ پوءِ تابوت تي هٿ جي هلڪي ٿپڪي ايئن ٿي ڏي جيئن مائرون پٽن کي ڪنهن چڱي ڪم تي شاباس ڏينديون آهن. انيلا ! شهيدن جون مائرون ايئن هونديون آهن
مائون سي مَرڪن ، جنين جُنگ نپايا
ٻين ويچارين ، ڄڻيندي ڄمار وئي
مائرون جنگ جون مخالف هونديون آهن مائرون ته هميشه موڙن جون طلبگار هونديون آهن ۽ انهن کي جنگي ترانن کان وڌيڪ لاڏا وڻندا آهن. پر جڏهن جنگ مسلط ٿي وڃي ته پوء انهن جي خواهش هوندي آهي ته پٽ سلامت رهن يا نه رهن پر وطن جون سرحدون ضرور سلامت رهن .ايراني مائرون هزارين سالن کان جنگين مان گذرنديون آيون آهن انڪري هي جنگ به هنن لاءِ ڪا نئين ڪانهي انهن سڀني جنگين ، حملن ، قبضه گيرين ۽ فارس جي مزاحمت کي فردوسي شاهنامي ۾ لکي رهندي دنيا تائين امر ڪري ڇڏيو آهي .اهي سڀ قصا ، ڪهاڻيون ۽ داستان جيڪي فارس جي ڌرتي جون پريم ڪٿائون ۽ وير گاٿائون آهن. انهن کي فردوسي پنهنجي شعرن وسيلي ايندڙ نسلن جي لاءِ دلين ۾ ڌڙڪندڙ گيت بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ شاعر جي شاهڪار جو ڇا ته ڪمال آهي جو ايران تي قبضي جي ڪوشش ڪندڙ حملا آورن کي ٻه جنگون ٿيون وڙهڻيون پون، هڪڙي جنگ ايراني عوام سان ٿي وڙهڻي پوي ،ته ٻي جنگ فردوسي جي شاهنامي سان ٿي وڙهڻي پوي
بسی رنج ہر دم ، درین سال سی
عجم زندہ کردم ، بریں پارسی
” مون زندگي جا ٽيھ سال رنج ۾ گذاريا آهن پر عجم کي فارسي وسيلي هميشه لاءِ زنده ڪري ڇڏيم “
عرب ”عجمي “ گونگي کي چوندا آهن. اهي ايرانين توڙي اسان کي عجمي چوندا آهن. يعني گونگا جن کي ڪا زبان نه هجي فردوسي جي هن شعر ۾ اها طنز به لڪيل آهي ته توهان عرب جنهن زبان کي زبان ئي نٿا سمجهو مون ان ئي زبان وسيلي گونگي ڌرتي جا داستان امر ڪري ڇڏيا آهن. فردوسي شاهنامي ۾ نه رڳو ايران کي زبان ڏني پر هن شاه نامي وسيلي دانسته عربي زبان جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي زبان کي زندگي ڏني فردوسي جي زماني ۾ عربي جو ايئن غلبو هو جيئن ڪنهن زماني ۾ هتي پاڻ وٽ فارسي جو چرچو هو چوندا هئا “فارسي گهوڙي چاڙهسي ” ان زماني ۾ اسان جي وڏي شاعر لطيف لکيو هو
جي تون سِکين فارسي ، تون گولو تون غلام
هڪڙو شعر غلامي کي ٿُوڪاري سگهندو آهي ۽ هڪڙو شعر هارايل جنگيون کٽي سگهندو آهي.
ايرانين جي اهائي خوبي آهي جو هنن ڪنهن به حمله آور کي هيرو ڪو نه بنايو هنن جا هيرو اهي ئي آهن جيڪي هنن جي تهذيب مان ڦٽي نڪتل آهن. هو ته اڄ به نوروز کي پنهنجو تهذيبي ورثو سمجهن ۽ ملهائن ٿا. هو عربن سان ايتري ئي نفرت ڪن ٿا جيتري نفرت عرب هنن سان ڪن ٿا. عربن کي اڄ به اهو ئي غم آهي ته ايرانين هنن جي تسلط کي نه عقيدي موجب تسليم ڪيو ۽ نه ئي طاقت ۽ تلوار موجب
پروفيسر آذر نفيسي جيڪا ايران ۾ عورتن جي حقن جي چئمپين هئي ان جي پيء احمد نفيسي جيڪو 1962_ 63 ۾ تهران جو ميئر به رهيو جي نظر ۾ شاهنامو محض رزميه داستان نه آهي بلڪه ايران جي اها غير مرئي مملڪت آهي جنهن کي نه ڪوئي لشڪر جلائي ٿو سگهي ۽ نه ئي ڪوئي فاتح فتح ٿو ڪري سگهي آذر نفيسي جي بيان موجب هن جو والد ڄڻ ته اهو ٿو سيکاري ته وطن صرف زمين، سرحد ۽ رياست جو نالو ناهي اصل وطن تهذيبي حافظو آهي جيڪو لفظن ۾ محفوظ رهي ٿو انڪري جڏهن تاريخ جا طوفان ايران تي ٽٽن ٿا جڏهن حملا ، شڪستون ۽ زوال قومي وجود کي مجروح ڪن ٿا تڏهن فردوسي جو شاهنامون هڪ اهڙي گهر جي صورت ۾ سامهون ٿو اچي جيڪو باقي رهي ٿو هڪ اهڙو ادبي وطن جتي ايراني پنهنجي زبان ، پنهنجي ياداشت ، پنهنجي عظمت ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان گڏ هميشه زنده رهندا توران جيئن گم ڪو نه ٿي ويندا شاهنامي ۾ ايران ۽ توران جي گڏيل ڪهاڻين ۽ قصن جو به ذڪر آهي توران ۽ ايران تاريخ ۾ سدائين هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا آهن توران ازبڪستان ، ترڪمانستان ۽ ٻين سينٽرل ايشيائي ملڪن ۾ ورهائجي ويو
فردوسي جي شاهنامي کي ٽن حصن ۾ ورهايو وڃي ٿو پراچين ايراني لوڪ تاريخ ، ايران جي مِٿ تي مشتمل تاريخ ۽ اسلام کان اڳ جا تيرهن سئو سال شاهنامون پڙهندي لڳندو ته بادشاهن جون ڪهاڻيون آهي پر غور ڪبو ته اهي ڪهاڻيون عوام پاران چيل ڪهاڻيون آهن انهن ڪهاڻين جو هنڌ ٻيو ٿي سگهي ٿو ، ٻولي ٻي ٿي سگهي ٿي پر انهن ڪهاڻين ۾ ڌڙڪندڙ دل اهڙي ئي آهي جهڙي دل اسان جي ڪهاڻين ۽ داستانن ۾ ڌڙڪي ٿي شاهنامي ۾ موجود باوقار ايراني عورتن جون ڪهاڻيون جن صفحن تي آهن انهن صفحن تي لڳندو آهي انهن باوقار ايراني عورتن جا رخسار ايئن ٻري رهيا آهن جيئن ڪنهن زماني ۾ تنهنجا رخسار منهنجي ٻُڪ ۾ ٻرندا هئا جي فردوسي شاهنامو نه لکي ها ته دنيا تهمينا ۽ سنڌُڪ جي لازوال ڪهاڻين کان محروم رهجي وڃي ها
نه رڳو ٻاهرين حمله آورن شاهنامي کي جلايو پر 1979 جي انقلاب کانپوءِ به شاهنامي کي جلايو ويو ۽ اهو سلسلو ڪيترن ئي مهينن تائين جاري رهيو ان جو سبب شايد بادشاهن کان نفرت هئي پر پوءِ جلد ئي ايرانين اهو محسوس ڪري ورتو ته ايران فردوسي کانسواءِ اڌورو آهي.
فردوسي سان شاهنامي بابت چون ٿا ته محمود غزنوي في شعر سون جي هڪ اشرفي جو وعدو ڪيو هو ۽ پوءِ هن وعده خلافي ڪئي ۽ هن کي چاندي ڏيڻ چاهي ته فردوسي ان کي پنهنجي توهين سمجهيو انتهائي ڪسمپرسي جي باوجود فردوسي چاندي جون اشرفيون موٽائي ڇڏيون هڪڙي شاعر جو انتقام توهان کي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه هميشه جي لاءِ رسوا ڪري ٿو سگهي. فردوسي غزنوي جي خلاف شاعري لکي جيڪا مقبول به ٿيڻ لڳي ۽ عوامي محفلن ۾ به ڳائجڻ لڳي غزنوي جي بادشاهي لڏي وئي وزيرن بادشاه کي صلاح ڏني ته پنهنجو وعدو پورو ڪريو بادشاه سونين اشرفين جا اٺ ڀري موڪليا اهي جڏهن فردوسي جي گهر پهتا ته ان وقت گهر مان فردوسي جو جنازو پئي نڪتو اهي اشرفيون فردوسي جي ڌيءَ کي ڏيڻ ڪوشش ڪئي وئي ته هن اهو چئي سونيون اشرفيون وٺڻ کان انڪار ڪيو ته تاريخ کي اهو لکڻ ڏنو وڃي ته هڪ بادشاه هڪڙي شاعر جو قرض نه چڪائي سگهيو فردوسي کي سنين پنهنجي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ نه ڏنو جو هو شيعو هو پوءِ فردوسي کي پنهنجي گهر ۾ دفنايو ويو ڏاڍي ڏکي ۽ المناڪ زندگي گذارڻ جي باوجود فردوسي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي وطن کي پنهنجي شعر وسيلي امر ڪري ويو
مون ڪيترائي ڀيرا اهو بار بار محسوس ڪيو آهي ته طاقت ئي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آهي ماڻهو هجي يا ادارو يا ملڪ هو پنهنجي طاقت کي بچائڻ لاء اهي ڪم ڪري ٿو جيڪي ڪم هن جي دل ، هن جو ظرف ۽ هن جو ضمير ڪرڻ نٿا چاهن آمريڪا دنيا جي چوڌارائٽ برقرار رکڻ لاء جاپان تي ائٽم بم ڪيرائڻ جهڙو ڪڌو ۽ ڪريل ڪم ڪيو ۽ پوء ان جي نتيجي ۾ جنهن انساني الميئي جنم ورتو اهو روءِ زمين تي وسندڙ انسانيت لاءِ قيامت تائين هڪڙي ڏکوئيندڙ يادگيري بڻجي ويو آهي. تازو جاپان جي عورت وزيراعظم سان ملاقات دٶران آمريڪي صدر کيس ائٽم بم جي يادگيري ڏياري ته عالم انسانيت هڪڙي چيخ بنجي ويو دنيا جي باضمير ماڻهن آمريڪي صدر سان ان عمل تي نفرت جو کليو اظهار ڪيو پر جاپاني وزير اعظم عورت هجڻ جو اعزاز نه وڃايو ۽ هن هڪ باوقار مرڪ سان نفرت جو اظهار ڪيو جيئن عورتون ڪنديون آهن اهي نفرت جو اظهار به گار سان نه مرڪ سان ڪنديون آهن
جنگ بندي جون خبرون گردش ۾ آهن اميد ته دنيا امن طرف موٽندي اوهان ۽ اسان ڏانهن سک ٿيندا پنهنجو خيال رکجان
آئون تنهنجو
خليل ڪنڀار
نوهٽو هائوس امرڪوٽ