Young performer singing at a concert

ليکڪ سلام ڌاريجو

”جڏهن توهان سانفرانسسڪو جو رخ ڪيو ته وارن کي گلن سان سجائي نڪرجو. “مڪڪينز جي ان گيت تي هزارين نوجوان ڀڙڪيل رنگن وارا ڪپڙا پائي ڊگهن وارن جي چوٽين تي گل هڻي اشربي هائيٽس واري علائقي ۾ ٿا گڏ ٿين. اهو ٻي جنگ عظيم ۾ پيدا ٿيل ڪاوڙيل ٻارن جو ميلو هو جنهن سڄي يورپ کان ڄڻ ڇرڪ ڪڍائي ڇڏيو.

ٻي جنگ عظيم جي بارود جي رک جيئن ئي وساڻي  تـ تباهه ٿيل يورپ جا ماڻهپن انھي کي ٻيھر  آباد ڪرڻ جي وٺ پڪڙ ۾ لڳي ويا. هڪڙي نئين يورپ جي تعمير پئي ٿي. جنگ وارو زمانو سماجي مسئلن جي ڀنڊار هو. چون ٿا ته ٻي جنگ عظيم ۾ يورپ ۾ شرح پيدائش 14 ٻار في خاندان تائين وڃي پهتي هئي. ان دور ۾ پيدا ٿيندڙ نسل کي بيبي بومر جنريشن چيو ويندو آهي.

هپيز ان بيبي بومر جنريشن جا ڪاوڙيل ٻار هئا جن وڌندڙ ڪنزيومرازم ۽ نفسا نفسي واري زندگي جو حصو بنجڻ کان انڪار ڪيو. هنن جو خيال هو ته جنگ جي خاتمي کان پوءِ امن ٿيندو ۽ زندگي آرام سان گذرندی پر نئين يورپ حي اڏوات ۽ روزگار جي پريشاني ته نئين نسل کي ڄڻ ساڻو ڪري ڇڏيو ھو. هپيز ان سڄي هڻ هڻان کان پاسيرو ٿي جهنگ منهن ڪيو.

Counter Cultural Movement هپيز پاران نئين سماج جو آدرش هو جنهن جو مقصد شخصي آزادي، امن، ۽ شانتي هو هپيز چاهيو پي ته زمانو صرفChill هجي. هن جي لائف اسٽائيل ۾ وڏي ڪشش هئي. مڊل ڪلاس جا ٻار تعليم ۽ ڪاروبار کي ڇڏي وارن ۾ نازبو جو تيل هڻي ٽٽل بوٽ پائي شهرن جي باهران وڃي پنھنجا مئخانا جوڙيا. هپيز پنهنجي مزاح ۾ صفا صوفي هئا. هنن وٽ نه ته رنگ ۽ نسل جو ڪو مت ڀيد هو ۽ نه ئي جنسي تفاوت، چرس ۽ ڀنگ جي نشن ۾ الوٽ هي نوجوان هڪڙي ڪميون اسٽائيل زندگي گذارڻ لڳا.

60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ هپي تحريڪ پوري جمال سان سڄي يورپ ۽ امريڪا جي نوجوانن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو.

هي ڪمال جا تخليقار هئا هنن ته زماني جي سمورن قائدن، رسمن ۽ رواجن جي برعڪس الڳ قسم جا لاڙا ۽ فيشن متعارف ڪرايا. يورپ ۾ ٽورازم جو انقلاب هپيز آندو. هنن يورپ جي ساوڪ ۽ شاپنگ مال کي پٺي ڏئي عربن جي ريگستانن ۽ برصغير جي گندين گلين کي گهمڻ لاءِ Explore ڪيو. Adventurist ٽورازم جي تصور جي هيٺ يورپ جي نوجوانن ڪيمرا ۽ Back Pack ساڻ ڪري نڪري ٿي پيا هنن هڪڙا نوان پيچرا تلاش ڪيا جتان گذرندي نشن، ۽ سفر کي ڄڻ پنهنجو مشغلو بڻائي ڇڏيو. افغانستان، هندستان ۽ نيپال اهو ملڪ هئا جتي وڏن وارن وارا اڌ اگهاڙا جوڙا بي ڊپائي سان پيا روڊن تي وڙڪندا هئا. چڪن اسٽريٽ ڪابل کان وٺي هپي هيون گووا ۽ Freak Street کٽمنڊو، نيپال تائين هڪڙو هپي Trail هو جنهن يورپ ۽ ايشيا جي ڪلچرن کي ڄڻ ملائي ڇڏيو هو.

هپيز جي ماحول دوستي جو تعارف شايد جديد تاريخ ۾ چگي نموني متعارف ٿيل نه هجي پر هن تحريڪ جي ماحول دوستي جو درس هنن 60 واري ڏهاڪي ۾ ئي ڏنو هو. هپيز سڀ کان پهريائين ته Organic نشن کي پنهنجو قومي مشروب قرار ڏنو ڀنگ ۽ چرس پيئندڙ هپيز کي وڻن سان وڏو لڳاءٌ هو. هنن جهنگلن کي ته پنهنجو مسڪن ٺاهي ڇڏيو. يورپ جي شهرن جي پسگردائي وارا جهنگل هنن جا گهر هئا. هنن ته وڻن ۾ آکيرا ٺاهي رهڻ شروع ڪيو هو ۽ Urban Development جي خلاف سڀ کان پهرين مزاحمت هنن ئي ڪئي.

 يورپ جي تاريخ ۾ Recycling جو فيشن هپيز آندو. هنن نون ڪپڙن جي بجاءِ پراڻن ڪپڙن کي سبي ٿي پاتو ۽ ٽٽل جتين کي چتيون هڻي روڊن تي ڪمال اعتماد سان هلڻ وارا هپيز يورپ ۾ هڪڙي نئين فيشن انڊسٽري کي جنم ڏئي رهيا هئا. هنن ته جديد سرمائيدارانه فيشن جي ٻيڙي بوڙي ڇڏي  هئي. لنڊن جي مهانگي ڪارنيبي فيشن اسٽريٽ ته بيل باٽم، فلورل ڊريسز ۽ Denim Jackets سان ڀري ڇڏيو. اهي هپيز جا تخليق ڪيل فيشن ئي هئا جن دنيا جي فلم انڊسٽري کي به پنهنجي فيشن جو شوروم بڻائي ڇڏيو.

موسيقي ۾ انقلابي تبديلي هپيز آندي. 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ سڄي يورپ کي جهومائڻ وارا Rock n Roll ۽ Jazz جهڙا ڌمچر مچائيندڙ موسيقي جا ٽرينڊ هنن ئي آندا. دنيا جي سنگيت جا سڀ کان وڌيڪ پاپولر Beatles ۽ Pink Flayed جهڙا شاهڪار بينڊ ته هپيز جا قومي موسيقار هئا. شاعري ۾ امن، آزادي ۽ جنگ مخالف بيانيو عام ڪرڻ ۾ هپي فنڪارن جو وڏو حصو هو. يورپ ۾ موسيقي کي گلين ۽ روڊن تي پبلڪ ڪرڻ جو ڪريڊٽ به هپيز ڏي وڃي ٿو.

هپيز سنگيت جي ميلن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پهريون دفعو هنن موسيقي جي محفلن کي کليل روڊن ۽ ويران جهگين تي عام ڪيو. راڳ جا اهي ميلا هپيز جي ملڻ جا هنڌ هئا. سانفرانسسڪو جي آشربي هائيٽس پي ته Sumer of Love ڪنسرٽ ۾ لکين نوجوانن آمريڪا ۽ يورپ جا روڊ ماپي اچي محفل مچائي. موسيقي کي عام ماڻهن جي Entertainment جو ذريعو بنائيندڙ هپيز زندگي کي راڳ سان Celebrate ڪندا هئا. نيويارڪ ۾ Wood Stock ميوزڪ فيسٽول ته راڳن جي ميلن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ٽن ڏينهن تائين هلندڙ ان ميوزڪ فيسٽيول ۾ چون ٿا ته 5 لک نوجوانن مست ٿي راڳ، رقص ۽ نشي کي انجوائي ڪيو.

هپيز جي ڪائونٽر ڪلچر موومنٽ جي Attraction جا ڪيئن محرڪ هئا. جنگ مخالف نوجوان نسل وٽ اظهار جو انوکو ڍنگ هو. هپيز جي انقلابي موسيقي ته پادرين کان وٺي حڪومتن کي منجهائي ڇڏيو هو.

هپيز راڳ کي عام ڪرڻ لاءِ Underground ريڊيو اسٽيشن قائم ڪري انگلينڊ جي نوجوانن کي پئي جهومايو. اهو John Peel ئي هو جنهن نوجوانن ۾ هپيز جي ميوزڪ کي متعارف ڪرائيندي The Perfumed Garden جهڙو جڳ مشهور گانن جو پروگرام شروع ڪيو جنهن انگلينڊ جي شاگردن کي هاسٽلن مان ڪڍي روڊن تي اچي جهومايو. اهو راڳ جو پروگرام ايڏو ته مشهور ٿيو جو انگلينڊ جي سرڪار ان کي بند ئي ڪرائي ڇڏيو.

هپيز ميوزڪ انڊسٽري سان گڏ فلم انڊسٽري کي به پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏيو. هالي ووڊ انڊسٽري جي موضوعن، ميوزڪ ۽ پروڊڪشن کي نئون تعارف ڏيندڙ هي ڪلچر ته اداڪارن جي ٻولي ئي مٽائي ڇڏي، The Trip ۽ Easy Rider جهڙين فلمن، Jazz ميوزڪ جي ڌنن ۽ دنيا جي سير سپاٽي جهڙن موضوعن تي فقط هپيز جي ڇاپ هئي.

جنگ ۾ پيدا ٿيل نسل غضب جو تخليقڪار هو. اهو ئي نسل هو جنهن ٽيليويزن کان وٺي ٽيپ رڪارڊر جي عياشي ڪرائي. فيڪس مشين کان وٺي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي موجد بيبي بومر جنريشن ئي ته آهي. دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان شاهوڪار نسل بيبي بومر جنريشن آ. هنن محنت ڪئي ۽ ڪائنات ۾ جديد تبديلين جا انقلاب آندا.

امير بيبي بومر جنريشن جا ڪاوڙيل ٻار فيشن ۽ ملڪيت جي ڊوڙ کان ڏور سنگيت جا ميلا مچائي رهيا هئا. چون ٿا ته 1967 کان 1974 تائين يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٽن سون کان وڌيڪ راڳن جا ميلا ٿيا جنهن سجي دنيا جي هپيز کي سنگيت جي سڳي ۾ جڻ پوئي ڇڏيو هو. اهو جان لينن جو گانوئي هپيز جو ٽائيٽل سانگ هو، تصور ڪريو! ”سڄي دنيا جي ملڪن ۾ ڪا سرحد ناهي. جنگ جو ڪو ڊپ ڪونهي. امن سان رهندڙ ماڻهو فقط اڄ لاءِ ٿا جيئن، تصور ڪيو سڄي مخلوق کي نه بک آ نه ئي ڪا تڪليف

ڪوئي تبصرو نه مليو.

Share

Leave a Comment

توهان جو برق‌ٽپال پتو شايع نہ ڪيو ويندو. گھربل شعبا مارڪ ڪيل آهن *

Scroll to Top