عورتن جي جسم، ڪردار ۽ جنسيت تي ڪنٽرول ذريعي مذهبي نظام پنهنجي طاقت ۽ سماجي ڍانچي کي برقرار رکن ٿا۔

هي مضمون انهن مذهبن بابت آهي جيڪي هاڻي صرف فرد جي ذاتي عقيدي يا روحاني احساس تائين محدود نہ رهيا آهن، پر مڪمل ۽ منظم نظام بڻجي چڪا آهن. اهڙن مذهبن ۾ واضح ۽ طئي ٿيل عقيدا هوندا آهن، جن کي سمجھائڻ ۽ رهنمائي ڪرڻ لاءِ خاص تربيت يافتہ ماڻھو هوندا آهن، جھڙوڪ عالم، پنڊت يا پادري. انهن ۾ سخت اخلاقي اصول پڻ موجود هوندا آهن، ۽ هڪ منظم اداري جي صورت ۾ اهي مذهب رڳو هڪ ننڍي برادري تائين محدود نہ رهندا آهن، پر وڏي سماج ۽ ڪڏهن عالمي سطح تي بہ پنهنجو اثر قائم ڪندا آهن۔
هي بحث خاص طور تي هندو مذهب، عيسائيت ۽ اسلام تي مرڪوز آهي، ڇو تہ اهي دنيا جا تمام گھڻا اثرائتا ۽ منظم مذهب آهن. انهن مذهبن وٽ نہ صرف واضح عقيدا آهن، پر پنهنجا قانوني ۽ فڪري نظام پڻ موجود آهن، جھڙوڪ شريعت، چرچ جا قانون ۽ ڌرمو شاستر، جن جي تشريح لاءِ بہ علمي روايتون قائم ٿيل آهن. انهن مذهبن جي تاريخ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو تہ سماج ۾ عورت ۽ مرد جا ڪردار، طاقت جي ورهاست، ۽ صحيح يا غلط جا معيار هڪ ٻئي سان گھڻو ويجھڙائي سان جڙيل آهن. جيتوڻيڪ اهڙا لاڙا ٻين مذهبن ۾ بہ ملن ٿا، پر انهن ٽنھي مذهبن ۾ اهي وڌيڪ واضح ۽ منظم صورت ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا۔
تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن مذهب هڪ منظم نظام جي صورت اختيار ڪئي، تڏهن اهو سماج جي درجا بندي سان گڏ ترقي ڪرڻ لڳي. سماج ۾ مختلف طبقا پيدا ٿيا، جتي طاقتور ۽ ڪمزور ڌريون الڳ ٿي ويون ۽ انهن کي منظم رکڻ لاءِ هڪ واضح ڍانچو وجود ۾ آيو. جڏهن ماڻھو ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، ملڪيت جو تصور وڌيو، خاندان وڌيڪ مضبوط ٿيا ۽ وراثت جا قانون وجود ۾ آيا، تڏهن انهن سڀني معاملن کي منظم ڪرڻ لاءِ هڪ اخلاقي اختيار جي ضرورت محسوس ٿي. اهو اختيار گھڻو ڪري مذهب کي مليو، جنهن جي ذريعي مذهبي ادارن ۽ اڳواڻن کي اهو حق حاصل ٿيو تہ اهي صحيح ۽ غلط جو تعين ڪن. اهڙيءَ طرح ملڪيت، خاندان، وراثت ۽ سماجي فرق کي “اخلاق” جي نالي سان منظم ۽ برقرار رکيو ويو۔
مردن جي بالادستي نہ رڳو قدرتي يا مذهبي سببن جو نتيجو آهي، پر اها سماجي ۽ معاشي تبديلين سان لاڳاپيل آهي. فيڊرڪ اينگلز جي مطابق، جڏهن انسان زراعت اختيار ڪئي، هڪ هنڌ آباد ٿيڻ لڳا ۽ ڳوٺن جي صورت ۾ سماج ٺهڻ لڳا، تڏهن ملڪيت ۽ وراثت جا سوال اهم ٿي ويا. ان مرحلي تي مردن ڪوشش ڪئي تہ ملڪيت تي پنهنجو ڪنٽرول قائم رکن ۽ اولاد کي بہ پنهنجي وراثت سان ڳنڍي رکن، جنهن جي نتيجي ۾ آهستي آهستي سماجي طاقت مردن جي هٿن ۾ مرڪوز ٿيڻ لڳي۔
پوءِ مذهب هن اڳ ۾ موجود سماجي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو. جيڪي رسمون اڳ رڳو روايتن جي صورت ۾ موجود هيون، سي هاڻي “خدا جي حڪم” طور پيش ٿيڻ لڳيون ۽ جيڪي قاعدا اڳ تبديل ٿي سگھندا هئا، اهي هاڻي سخت ۽ الھامي قانون بڻجي ويا. اهڙيءَ طرح عورت ۽ مرد جي وچ ۾ فرق هجي يا امير ۽ غريب جي وچ ۾، انهن سڀني کي اهڙي انداز سان بيان ڪيو ويو ڄڻ اهي خدا طرفان مقرر ڪيل هجن، جنهن ڪري اهي فرق وڌيڪ پڪا ۽ ناقابلِ سوال بڻجي ويا۔
مختصر لفظن ۾، مردن جو اختيار صرف جسماني طاقت تائين محدود نہ رهيو، پر ملڪيت، خاندان ۽ مذهب جي گڏيل اثر ان کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستقل بڻائي ڇڏيو۔
جڏهن مذهب صرف ذاتي عقيدي تائين محدود نہ رهيو ۽ سماج کي منظم ۽ ڪنٽرول ڪرڻ جو ذريعو بڻيو، تڏهن ان کي ڪجھ اهم معاملن تي سخت ضابطا قائم ڪرڻا پيا، جھڙوڪ جسم، جنسي لاڳاپا، اولاد ۽ ملڪيت يا جائزيت جا سوال. هن عمل ۾ عورت مرڪزي حيثيت اختيار ڪري وئي، ڇو تہ سندس جسم، لاڳاپا، اولاد ۽ سماجي مقام سڌي طرح انهن معاملن سان ڳنڍيل هئا. نتيجي طور مختلف مذهبن ۾ هڪجھڙو نمونو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي شادي، پاڪيزگي، وراثت ۽ عزت سان لاڳاپيل قاعدا خاص طور عورتن جي ڪردار ۽ رويي کي ضابطي ۾ رکڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا۔
عورتن سان لاڳاپيل قانونن ۾ جيڪا سختي ۽ بار بار ڪنٽرول ڏسڻ ۾ اچي ٿو، اهو ڪو اتفاقي عمل ناهي، پر هڪ واضح نموني جو حصو آهي. شادي، طلاق، وراثت ۽ پاڪدامني جھڙن معاملن ۾ عورتن کي خاص طور نشانو بڻايو وڃي ٿو، ۽ اهو رجحان مختلف مذهبن ۾ هڪجھڙي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو. اهو ظاهر ڪري ٿو تہ هي ڪو بي ترتيب يا اوچتو پيدا ٿيل عمل نہ آهي، پر هڪ منظم نظام آهي جيڪو عورتن کي محدود ۽ ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ترتيب ڏنل آهي. ٻين لفظن ۾، اهو هڪ مرد مرڪزيت وارو ڍانچو آهي، جيڪو مختلف مذهبي ۽ قانوني شڪلين ۾ بار بار ورجائجي ٿو۔
تاريخ ۾ ڀلي عورتن بابت سڌا حوالا گھٽ ملن، پر انهن جا نتيجا واضح نظر اچن ٿا. عورت جي “تاريخي شڪست” ان وقت شروع ٿي، جڏهن مردن کي پنهنجي اولاد جي پڪ ڪرڻي هئي تہ جيئن ملڪيت سندن ئي نسل ۾ رهي. گريڊا لرنر جي مطابق، مردن لاءِ صرف طاقت ڪافي نہ هئي، پر اهو بہ ضروري بڻجي ويو تہ سندن نسل يقيني طور باآاساني اڳتي وڌي. انھيءَ مقصد لاءِ عورتن تي سخت ڪنٽرول قائم ڪيو ويو. ڪارل پي ڪرسٽ وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿي تہ پدرشاهي اهو نظام آهي، جتي عورتن جي جنسي زندگي تي ڪنٽرول ذريعي مردن کي طاقت حاصل ٿئي ٿي. انھيءَ ڪري عورت جو جسم، سندس حيض، حمل، شادي ۽ طلاق جھڙيون سڀ ڳالھيون مذهبي، قانوني ۽ سماجي قاعدن جي دائري ۾ آڻي، مرد مرڪزيت واري نظام جي ڪنٽرول هيٺ رکيو ويو۔
اهو ئي سبب آهي جو عورتن تي مذهبي ڪنٽرول صرف عقيدي يا ايمان جو معاملو ناهي، پر اهو سماجي ۽ معاشي تبديلين سان ڳنڍيل آهي. جڏهن سماج زراعت، ملڪيت، خاندان ۽ وراثت جي بنيادن تي منظم ۽ مضبوط ٿيو، تڏهن مردن لاءِ پنهنجي نسل جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ اهم بڻجي ويو. انھيءَ مقصد لاءِ عورتن تي ڪنٽرول قائم ڪرڻ ضروري سمجھيو ويو، ۽ مذهب اچي ان ڪنٽرول کي “اخلاقي” ۽ “روحاني” جواز ڏئي ان کي وڌيڪ مضبوط ۽ جائز بڻائي ڇڏيو۔