علي لاريجاني هڪ ئي وقت ۾ داناءُ مفڪر، سخت مزاج قانون ساز ۽ پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر هو.
سندس قتل کان پوءِ ايران جي جنگي حِڪمت عملي ڪهڙو رُخ اختيار ڪندي؟
اِهو سوال هاڻي سڄي دنيا جي ڌيان جو مَرڪز بڻيل آھي
ايران جي اثرائتن ۽ سگهارن خاندانن سان واسطو رکندڙ علي لاريجاني، ايراني سياست جو اُهو نالو هو، جيڪو لڳاتار ٽي ڏهاڪا اقتدار جي ايوانن ۾ نمايان حيثيت سان موجود رهيو.
سندس اثر ۽ اختيار جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگهجي ٿو ته جنوري 2026ع ۾ چونڊيل صدر مسعود پزشڪيان ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ کليءَ دل سان اهو قبول ڪيو ته انٽرنيٽ تي لڳايل پابنديون هٽائڻ لاءِ کين لاريجاني ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو هو.
سندس پورو نالو علي اردشير لاريجاني هو، ۽ هو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، هن نامياري جرمن فلسفي امانوئل ڪانٽ بابت ڪتاب لکيو، ۽ ساڳي وقت پاسدارانِ انقلاب ۾ اهم عهدن تي خدمتون سرانجام پُڻ ڏنيون، هو پارليامينٽ جي اسپيڪر شپ کان وٺي ايٽمي معاملن تائين هر اهم ميدان ۾ سرگرم رهيو.
اسرائيلي حملي ۾ قتل ٿيڻ کان اڳ، هو سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري هو ۽ ايران جي سڀ کان سگهارين شخصيتن مان هڪ سمجهيو ويندو هو.
سندس باري ۾ عام چوڻي هئي ته چونڊيل صدر مسعود پزشڪيان جي ڀيٽ ۾، عملي طور تي ملڪ جي روزمره حڪومت هلائڻ ۾ لاريجاني جو هٿ وڌيڪ اهم هو.
خانداني پس منظر: ’ايراني ڪينيڊي
ٽي جون 1958ع تي جنم وٺندڙ علي لاريجاني ايران جي مذهبي ۽ سياسي اشرافيه سان تعلق رکندو هو، سندس والد، آيت الله ميرزا هاشم آملي، هڪ نامور عالمِ دين هو، جيڪو 1931ع ۾ رضا شاھ جي دٻاءَ سبب نجف لڏي ويو.
. پوء 1961ع ۾ واپس ايران آيو
لاريجاني خاندان ايران ۾ طاقت ۽ اثر جو استعارو سمجهيو ويندو آهي، سندس ڀاءُ صادق لاريجاني عدليه جو اڳوڻو سربراھ رهيو، جڏهن ته ٻيا ڀائر محمد جواد ۽ باقر لاريجاني پڻ اعليٰ مذهبي ۽ علمي عهدن تي فائز رهيا، علي لاريجاني پاڻ آيت الله مرتضيٰ مطهري جو ناٺي هو، جڏهن ته مطهري 1979ع جي ايراني انقلاب جي نظرياتي بانيَن مان هڪ هو..
لاريجاني جي ڌيءَ فاطمه آمريڪا جي ڪليو لينڊ اسٽيٽ يونيورسٽي مان طب جي شعبي ۾ چڱي مهارت حاصل ڪئي.
انهن ئي خانداني ناتن ۽ لاڳاپن سبب لاريجاني ايراني سماج جي ٻن سڀ کان سگهارن مرڪزن ۾ پنهنجو قد ڪاٺ پيدا ڪيو.هڪ پاسي هو عالمن سان ويجهو رهيو، ته ٻئي پاسي پاسداران سان به سندس گهرا لاڳاپا هئا، جڏهن ته سرڪاري انتظاميا ۾ پڻ سندس ساٿي ۽ حمايتي موجود هئا.
فلسفي سپاهي
لاريجاني جي شخصيت جو سڀ کان دلچسپ پاسو سندس علمي سفر هو.هن قُم جي مدرسي مان روايتي مذهبي تعليم حاصل ڪئي، پر ساڳئي وقت آريامهر يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي مان ڪمپيوٽر سائنس ۽ رياضي ۾ بيچلر جي ڊگري پڻ ورتي.
ان کان پوءِ هن تهران يونيورسٽي مان مغربي فلسفي ۾ طبيب،ڊاڪٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس تحقيق جا مرڪزي موضوع امانوئل ڪانٽ، ساؤل ڪرپڪي ۽ ڊيوڊ ليوس هئا.
لاريجاني انهن فلسفين بابت ڪتاب پڻ لکيا، ۽ تهران يونيورسٽي ۾ ادب ۽ انسانيت جي شعبي ۾ پڙهائڻ جون خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون. هي اهو زمانو هو، جڏهن هو هڪ ئي وقت ۾ علمي دنيا سان پڻ ڳنڍيل رهيو ۽ پاسدارانِ انقلاب جو ڪمانڊر به رهيو.
سياسي سفر
لاريجاني جو سياسي سفر انقلاب کان پوءِ ئي شروع ٿيو، پهرين هن محنت ۽ سماجي معاملن واري وزارت ۾ نائب وزير طور خدمتون سرانجام ڏنيون، پوءِ ڄاڻ ۽ رابطي جي ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ به نائب وزير مقرر ٿيو.
کيس اسلامي جمهوريه ايران جي نشرياتي اداري جو سربراھ بڻايو ويو، اهڙو عهدو جيڪو ايران ۾ نهايت اثرائتو سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو عوامي راءِ جي تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
هن عهدي تي رهندي، 2004ع تائين، لاريجاني ايران جي ميڊيا پاليسيءَ تي مڪمل پڪڙ برقرار رکي.
لاريجاني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جو سلامتي صلاحڪار بڻيو، ۽ چيو وڃي ٿو ته کيس خامنائي جو پورو ڀروسو حاصل هو.
صدر احمدي نزاد کيس سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري مقرر ڪيو.جتي لاريجاني اولهه سان ايٽمي ڳالهين جي اڳواڻي سنڀالي. هي اهو دور هو، جڏهن ايران جي ايٽمي پروگرام تي سڄي دنيا جون نظرون کتل هيون، ۽ لاريجاني پنهنجي فني ڄاڻ ۽ سفارتي مهارت ٻنهي جو ڀرپور مظاهرو ڪيو.
پر احمدي نزاد سان پاليسي اختلافن سبب، 2007ع ۾ هن استعيفا ڏئي ڇڏي.
ان کان پوءِ لاريجاني ايران جي پارليامينٽ (مجلس) جو اسپيڪر چونڊيو ويو، ۽ لڳاتار ٻارهن ورهيه هن عهدي تي رهيو. ان عرصي دوران هن مختلف ڌرين وچ ۾ توازن قائم رکيو ۽ پاڻ کي هڪ پختي تجربيڪار قانون ساز طور مڃرايو.
ان وقت تائين لاريجاني کي اهڙي سياستدان طور ڏٺو وڃڻ لڳو، جيڪو قدامت پسنديءَ مان نڪري اعتدال پسندي ڏانهن وڌي رهيو هو. 2016ع جي پارلياماني چونڊن ۾ سڌاري پسند تحريڪ به سندس حمايت ڪئي .جيتوڻيڪ هو پاڻ کي ”آزاد اميدوار“ سڏيندو رهيو.
لاريجاني ٽي ڀيرا صدارت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 2005ع ۾ هو ڇهين نمبر تي رهيو. جڏهن ته احمدي نزاد ڪامياب ٿيو. ان کان پوءِ به هن ٻه ڀيرا اميدواري جا ڪاغذ جمع ڪرايا، پر کيس چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو.سياسي ڄاڻوَن جو خيال هو ته سخت مزاج ڌڙو سندس وچٿري رويي کي خطري طور ڏسندو هو.
آگسٽ 2025ع ۽ جون 2025ع ۾ جڏهن اسرائيل سان ٻارهن ڏينهن واري جنگ ايران جي فوجي ڍانچي کي لوڏي ڇڏيو. تڏهن لاريجاني کي ٻيهر سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
جنوري 2026ع ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڀڙڪي پيا ۽ آمريڪي ڌمڪيون وڌي ويون، تڏهن سپريم ليڊر علي خامنائي لاريجاني کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا. صدر پزشڪيان جيڪو آگسٽ 2024ع ۾ چونڊجي آيو هو، عملي طور پاسيرو ٿي ويو۔
ان ئي مهيني معاشي بحران ۽ حڪومت جي تبديليءَ جي مطالبن تي ملڪ گير احتجاج ٿيا. لاريجاني انهن خلاف سخت ڪارروائي جي اڳواڻي ڪئي. انساني حقن جي تنظيمن موجب، انهن احتجاجن دوران هزارين ماڻهو مارجي ويا. ان کان پوءِ 15 جنوري تي آمريڪا لاريجاني تي پابنديون وڌيون، پر تهران ۾ انهن پابندين کي اعزاز سمجهيو ويو.
لاريجاني جي شخصيت تضادن سان ڀريل هئي .هو هڪ ئي وقت ۾ داناءُ مفڪر به هو ۽ سخت مزاج حڪمران به، سندس تقريرون فلسفياڻي حوالن سان ڀرپور هونديون هيون .پر سندس فيصلا گهڻو ڪري نهايت سخت هوندا هئا.
سندس موت ايران جي آمريڪا ۽ اسرائيل سان جاري ڇڪتاڻ کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي . هو هڪ اهڙو مضبوط شخص هو، جنهن وٽ فيصلا ڪرڻ جي بي مثال سگهه هئي، پر سندس قتل کان پوءِ اهو انديشو وڌي ويو آهي ته هي تڪرار هاڻي وڌيڪ ڊگهو ۽ ڳنڀير ٿيندو ويندو.