News Website
پاڪستان جي نيوزيلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست
خفت

گهوڙو



گهوڙو
2026-01-20 11:13:37
20 Jan 2026

views 386

هو گهوڙن جو اهڙو خفتي هو جو ڀلي گهوڙي کي هڪڙي نگاه ڏسڻ لئه پيو سڄي سنڌ جا ميلا ۽ خفتين جا ڳوٺ رلندو هو جڏهن ڀلي گهوڙي کي ڏسندو هو تڏهن هن جي چهري جو رنگ اهڙو ٿي ويندو جهڙو محبوب جي صورت ڏسڻ سان ٿيندو آهي مون هن کان پڇيو هو ته سڀ ڪجه گهوڙن جي پٺيان لٽائي  ڇڏئي اهڙو ڇا آهي گهوڙي ۾ جو ديوانو ٿيو پيو هلين 

هن هڪ نگاه منهنجي چهري تي وڌي چيائين خفت عشق وانگر هوندو آهي ماڻهو جي دل ۾ نه رڳ رڳ ۾ ويهي ويندو آهي 

مونکي ڪرسي ۽ بادشاهي جي نشي جي ته خبر ناهي پر عشق ۽ خفت جي خبر آهي جڏهن ڪنهن ڀلي گهوڙي تي لانگ واري چڙهندو آهيان ۽ واڳ جڏهن منهنجي هٿ ۾ ايندي آهي ته مونکي ايئن لڳندو آهي منهنجي گهوڙي جو سراڙو زمين فتح ڪندو پيو وڃي 

جيئن نه محبوب جي ڀر ۾ ويٺل عاشق سڄي دنيا کان پنهنجو پاڻ کي معتبر سمجهندو آهي ايئن ئي خفتي خفت ۾ پنهنجو پاڻ کي ڀلي گهوڙي تي هوندو آهي ته سڄي دنيا کان معتبر سمجهندو آهي 

جيڏي مهل هو مونسان ڳالهائي رهيو هو انهي وقت به هن جون اکيون پنهنجي ڀلي گهوڙي ۾ هيون 

هن ڳاله پوري ڪري جيئن مون ڏانهن نهاريو ته  موني هن جي چهري ۾ ايئن رڳو ڄڻ هزارين گهوڙا ڊوڙي رهيا آهن ۽ هن جو چهرو دنيا جو گولو آهي 

هو هڪ نگاه مون ڏانهن نهاري وري گهوڙي ڏانهن هليو ويو ۽ هن جي پٺي تي هٿ گهمائڻ لڳو


تبصرا
تبصرو لکو